ڀارتي شهري پنهنجي ئي ميڊيا کي آئينو ڏيکاري ڇڏيو

 ڪراچي: ڀارتي شهري پنهنجي ئي ميڊيا کي آئينو ڏيکاري ڇڏيو ، ڀارت ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪورونا سبب ماڻهن جي مرڻ جو انگ وڌڻ سبب ڳڻتي جوڳي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي ، اهڙي صورتحال کي ڏسندي پاڪستاني عوام پاران وزيراعظم عمران خان کي ٽوئيٽر تي ڀارتي عوام جي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي ، جنهن کانپوءِ وزيراعظم عمران خان پاران ڀارت جي عوام جي صحتيابي جي لاءِ نه رڳو دعا ڪئي وئي پر ڀارتي حڪومت کي مدد جي آڇ پڻ ڪئي وئي .

هن ڏکئي وقت ۾ پاڪستاني حڪومت ۽ شهرين پاران نيڪ خواهشن ۽ مدد جي آڇ تي ڀارتي عوام پاران به مثبت موٽ ڏني وئي آهي ۽ ڀارتي عوام هن ڏکئي وقت ۾ انهن جي لاءِ دعائون ڪرڻ ۽ مدد جي آڇ تي نه رڳو پاڪستان جي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ويا پر عوام جو به شڪريو ادا ڪيو ويو ،

ڀارت جي هڪ شهري هنس راج جي اهڙي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي جنهن ۾ هن وزيراعظم عمران خان توڙي عوام جا ٿورا مڃيا آهن ۽ پنهنجي ملڪ جي ميڊيا کي آئينو ڏيکاريو آهي جنهن گذريل سال پاڪستان ۾ وڌندڙ ڪرونا جي ڪيسن تي چيو هو ته ”هاڻي مرندو پاڪستان ڪرونا جي موت “ ، بهرحال پاڪستان جي حڪومت ۽ وزيراعظم ڏکئي وقت ۾ ڀارتي عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام ڪڏهن به ڪنهن جي لاءِ برو نه سوچيو آهي ،

اسان سدائين پنهنجي وطن سان گڏ پوري ڪائنات جو خير گهرڻ وارا آهيون . ڀارتي ميڊيا کي پاڪستان پاران اهڙي صورتحال ۾ رد عمل ملڻ بدران ڀارت جي پنهنجي عوام پاران آئينوڏيکاريو ويو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔