ڪورونا جي ڪيسن ۾ واڌ: پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن ڪرفيو لڳائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

لاهور:پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن ڪورونا جي ڳڻتي جوڳي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪرفيو لڳائڻ  ۽ ڊگهي مڪمل لاڪ ڊائون جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

ان حوالي سان پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي صدر پروفيسر اشرف نظامي ٻين عهديدارن سان گڏ لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي.

هن چيو ته ملڪ ۾ ڪورونا جي پکيڙ 18 سيڪڙو کان مٿي ٿي چڪي آهي  جنهن سبب اسپتالون ڀرجي ويون آهن. هيلٿ سسٽم به جواب ڏيڻ جي  ويجهو آهي.

پي ايم اي عهديدارن مطالبو  ڪيو آهي ته نجي ميڊيڪل ڪاليجز سان لاڳاپيل اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔