پ پ اڳواڻ شيري رحمان مڪمل لاڪ ڊائون جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شيري رحمان سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي رڪارڊ ڪيسز ۽ فوتگين ۾ واڌ کان پوءِ مڪمل لاڪ ڊائون جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

شيري رحمان پنهنجي توئٽر اڪائونٽ تي اين سي او سي جا ڪورونا بابت جاري ڪيل انگ اکر شيئر ڪيا. هن چيوته پاڪستان ۾ اڄ به ڪورونا جي هاڪاري ڪيسز جي شرح تيزي سان وڌي رهي آهي. هاڻ وقت آهي ته سمورن اجتماعن سميت سموريون شيون بند ڪيون وڃن.

شيري رحمان وڌيڪ چيو ته ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسز سبب پابندي جي لاءِ 2 هفتن جو انتظار نه ڪيو وڃي. صوبا  پنهنجي  طور تي وڌيڪ ڪم نٿا ڪري سگهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔