توشه خانه ريفرنس: نواز شريف جي ملڪيت نيلام ڪرڻ جو حڪم جاري

لاهور: توشه خانه ريفرنس ۾ عدالت نواز شريف جي ملڪيت نيلام ڪرڻ واري نيب جي درخواست منظور ڪري ورتي. لاهور جي احتساب عدالت اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ملڪيت نيلامي لاءِ نيب جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي ۽ عدالت ايس اي سي پي جي چيئرمين کي نواز شريف جا شيئرز وڪرو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت حڪم ڏيندي ريمارڪس ڏنا ته جنهن جنهن ملڪيت تي اعتراض ناهي آيو نيلام ڪري سگهجي ٿي، ڊي سي لاهور ۽ ڊي سي شيخوپوره نواز شريف جي ايراضي وڪرو ڪري 60 ڏينهن جي اندر رپورٽ پيش ڪري، ملڪيت نيلام ڪري رقم قومي ناڻي ۾ جمع ڪرائي ويندي. عدالت حڪم ڏنو ته نواز شريف جون گاڏيون به 30 ڏينهن جي اندر نيلام ڪيون وڃن، پوليس جي مدد سان گاڏيون قبضي ۾ وٺي وڪڻيون وڃن ۽ نواز شريف جي بينڪ اڪائونٽس مان رقم سرڪاري ناڻي ۾ منتقل ڪئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔