ڪراچي جي اين اي 249 ۾ ننڍي چونڊ 29 اپريل تي ئي ٿيندي: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن سنڌ حڪومت کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ته ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 249 ۾ ننڍي چونڊ 29 اپريل تي ئي ٿيندي. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن اين اي 249 ۾ ننڍي چونڊ مقرر وقت تي ئي ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن جو ٻڌائڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن سنڌ حڪومت کي فيصلي کان آگاهه به ڪري ڇڏيو آهي ته اين اي 249 ۾ ننڍي چونڊ 29 اپريل تي ئي ٿيندي. اليڪشن ڪميشن اين اي 249 ۾ ننڍي چونڊ دوران ڪورونا ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد جي لاءِ خاص عملو به مقرر ڪيو ويو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔