مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف کي آزاد ڪيو ويو

لاهور: قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو. لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان شهباز شريف جي ضمانت وارو آرڊر جاري ٿيڻ کان پوءِ سندس وڪيل اعظم نذير تارڙ ضمانتي مچلڪا احتساب عدالت نمبر 2 ۾ جمع ڪرايا، ملڪ سيف کوکر ۽ چوڌري محمد نواز شريف جا ضمانتي آهن. احتساب عدالت شهباز شريف جي طرفان جمع ڪرايل مچلڪن جو جائزو وٺي هن جي آزادي جو پروانو جاري ڪيو جنهن کان پوءِ کيس جيل مان آزاد ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔