پي آءِ اي پائليٽس ۽ فرنٽ لائن ورڪرن کي مرحليوار ويڪسينيشن جي شروعات ڪري ڇڏي

اسلام آباد: پي آءِ اي ڪورونا کان بچاءُ لاءِ پائلٽس ۽ فرنٽ لائن ورڪرز کي مرحليوار ويڪسينيشن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.پهرين مرحلي ۾ پائلٽس سميت سمورن هوائي ميزبانن کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جو حدف مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ قومي ايئرلائن جي فرنٽ لائن ورڪرز کي حفاظتي ٽڪا لڳايا ويندا.پي آءِ اي جي ترجمان موجب ڪراچي، لاهور، اسلام آباد ۾ فضائي ميزبانن کي ويڪسين لڳائڻ جي عمل جي شروعات ڪئي وئي آهي. 250 کان وڌيڪ پائلٽس ۽ فضائي ميزبانن کي ڪورونا ويڪسين لڳائي وئي آهي. روزاني 175 ڪيبن ڪريو ۽ 25 پائلٽس کي ڪورونا ويڪسين لڳائي ويندي. پائلٽس، هوائي ميزبانن کي ويڪسين لڳائڻ جو حدف ڊسمبر تائين مڪمل ڪيو ويندو.سي اي او پي آءِ اي جو چوڻ هو ته پي آءِ اي ڪورونا ويڪسين واري عملي سان گڏ اڏام ڀريندڙ پهرين پاڪستاني ايئرلائن بڻجي وئي. انتظاميه پنهنجي مسافرن ۽ ملازمن جي حفاظت لاءِ پرعزم آهي. ويڪسين لڳائڻ جو قدم صحت ۽ حفاظت جي معيار کي برقرار رکڻ ۾ اسان جي ارادن کي ظاهر ڪري ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔