سعودي عرب پاران اڏامون بحال ڪرڻ جو اعلان، پاڪستان سميت ويهه ملڪن تي پابندي

رياض:سعودي عرب 17 مئي کان عالمي اڏامون بحال ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي پر پاڪستان سميت 20 ملڪن تي پابندي هڻي ڇڏي آهي.
عرب ميڊيا موجب سعودي عرب ڪورونا وبا جي ڪري پنهنجو معطل عالمي هوائي آپريشن 17 مئي کان بحال ڪري ڇڏيندو پر پاڪستان سميت 20 ملڪن تي پابندي به هڻي ڇڏي آهي.
جن ملڪن مٿان سعودي عرب ۾ داخلا تي پابندي هئين وئي آهي انهن ۾ ارجنٽيان، متحده عرب امارات، جرمني، آمريڪا، انڊونيشيا، آئرلينڊ، اٽلي، پاڪستان، برازيل، پرتگال، برطانيا، ترڪي، ڏکڻ آفريقا، سوئيڊن، سوئيزرلينڊ، فرانس، لبنان، مصر، ڀارت ۽ جاپان شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔