پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس وگهي 148 مريض فوت

اسلام آباد : ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 148 ماڻهو فوت ۽ 5499 نوان ڪيس سامهون آيا آهن، وائرس سبب فوتگين جو تعداد 16600 ٿي ويو جڏهن ته مجموعي ڪيسز 7 لک 72381 ٿي ويو آهي، سرڪاري پورٽل جي موجب ملڪ ۾ ڪورونا وائرس مثبت اچڻ جي شرح 11.6 رهي، ان کان علاوه 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 5488 مريض ڪورونا کان صحتياب ٿي ويا، جنهن بعد مجموعي طور تي صحتياب ٿيلن جو انگ 6 لک 72619 ٿي ويو آهي، سرڪاري پورٽل موجب سنڌ صوبي ۾ ڪورونا مريِضن جو مجموعي تعداد 274196 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 4559 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، پنجاب ۾ ڪورونا مريضن جو تعداد 276535 آهي ۽ 7664 ماڻهو هن وقت تائين فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 21127 آهي ۽ 225 مريض فوت ٿي چڪا آهن، ڪي پي ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 108462 ۽ فوتگيون 2952 ٿي ويون، گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو مجموعي تعداد 70984 ٿي ويو ۽ هن وقت تائين 649 مريض فوت ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔