خبر ناهي ته ڪيرڪردار ڪشي پيو ڪري، بي بنياد ۽ ڪوڙيون ڪهاڻيون ٺاهيون پيون وڃن: جهانگير ترين

لاهور: پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي خبر ناهي ته ڪير ڪردار ڪشي ڪري رهيو آهي، پر خبر پئجي ويندي، منهنجي خلاف ٽن ايف آءِ آرز ۾ کنڊ جي قيمت وڌائڻ جو الزام نه آهي، سياست ۾ اچي ڪاروبار شروع ناهي ڪيو، بي بنياد ۽ ڪوڙي ڪهاڻيون ٺاهيون پيون وڃن، جوڊيشنل ڪمپليڪس جي ٻاهر ميڊيا سان ڳالهائيندي جهانگير ترين چيو آهي ته نٿو ڄاڻان منهنجي خلاف ڪير ڳالهيون ڪري رهيو آهي، پهريان آبادگار هئس پوءِ ڪاروبار ۾ آيس، ان کان پوءِ سياست ۾ آيس، سياست سان ڪاروبار ناهي ڪيو، منهنجو پاڪستان ۾ هڪ نيڪ نامي آهي، ڪيسز ۾ سرخرو ٿيندس، هن چيو آهي ته مون کي ناهي خبر مون تي ڪيس داخل ڪرائڻ جي پٺيان ڪير آهي، 8 کان 10 سال پراڻن مامرن جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، هي ڪيس ايس اي سي پي وٽ هجڻ گهرجي، هن کان اڳ جهانگير ترين ۽ علي ترين جي عبوري ضمانت واري درخواست تي بينڪنگ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ ٻئي ڄڻا عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت ٻنهي جي عبوري ضمانت ۾ 3 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔