موسميات کاتي پاران سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جي اڳڪٿي

ڪراچي : گرمي جو زور ٽٽي ويندو، موسميات کاتي پاران سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي اڄ رات کان اترين علائقن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي ، سڀاڻي خميس ۽ جمعي دوران سنڌ ۾ به وسڪارو ٿي سگهي ٿو. موسميات کاتي موجب سنڌ جي سکر، لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد واري پاسي طوفان ۽ گجگوڙ سان برسات جو وسڪارو ٿيندو. موسميات کاتي پاران آبادگارن کي برسات دوران احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔