ڪورونا جي ٽين لهر 135 حياتيون کسي ورتيون،4 هزار کان مٿي نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا جي ٽئين لهر خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ورتي آهي. موذي وائرس اڄ 135 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن جڏهن ته 4 هزار کان وڌيڪ هاڪاري ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 48 هزار 092 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا. جنهن کان پوءِ گڏيل ڪورونا 19 ٽيسٽن جو انگ 10.878.00 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ 4 هزار 681 هاڪاري ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 734.423 ٿي وئي آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ 2 لک 69 هزار 840، پنجاب ۾ 2 لک 55 هزار 571، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک هڪ هزار 045، اسلام آباد ۾ 67 هزار 491، بلوچستان ۾ 20 هزار 499، آزاد ڪشمير ۾ 14 هزار 837 ۽ گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 140 ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 76 هزار 757 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 4 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 135 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويل مريضن جو گڏيل طور تي انگ 15 هزار 754 ٿي ويو آهي.

ان کان اڳ گذريل سال 17 جون 2020 تي هڪ ڏينهن دوران 138 مريض فوت ٿي ويا هئا. اين سي او سي موجب ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن ۾ 3 هزار 645 مريض صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 641.912 ٿي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔