اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي انٽرا ڪورٽ اپيل تي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کي نوٽيس جاري ڪيو ويو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ يوسف رضا گيلاني جي سينيٽ چيئرمين جي چونڊن بابت انٽرا ڪورٽ اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي، عدالت صادق سنجراڻي ۽ ٻين ڌرين کان 27 اپريل تائين جواب طلب ڪري ورتو، يوسف رضا گيلاني دخواست ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سنگل بينچ ۽ پرزائيڊنگ آفيسر جو 7 ووٽ خارج ڪرڻ وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي هئي.