اين سي او سي ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ سحري کان شام 6 وڳي تائين ڪاروبار کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد : اين سي او سي ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ سحري کان شام 6 وڳي تائين ڪاروبار کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، جڏهن ته ڇنڇر ۽ آچر تي مارڪيٽون بند رهنديون، وفاقي وزير ۽ اين سي او سي جي سربرهه اسد عمر جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو،

جنهن ۾ سڄي ملڪ ۾ اڄ کان ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اين سي او سي جي پڌرائي موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڪورونا جي خطري کي نظر ۾ رکندي سخت ايس او پيز سان گڏ وسيع لاڪ ڊائون لڳايو ويندو،

مارڪيٽون صبح سحري کان شام 6 وڳي تائين کليل هونديون، جڏهن ته ملڪ ۾ ڇنڇر ۽ آچر تي ڪاروبار بند رهندو، پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته افطار کان رات 12 وڳي تائين هوٽلن جي ٻاهر کاڌو کائڻ جي اجازت هوندي، بين الصوبائي ٽرانسپورٽ هفتي ۾ ٻه ڏينهن بند رهندي، جڏهن ته سينيمائون ۽ مزار مڪمل طور تي بند رهنديون، اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو آهي ته اندرون شهر ٽرانسپورٽ 50 سيڪڙو مسافرن سان گڏ هلندي، جڏهن ته ريلوي کي 70 سيڪڙو مسافرن سان گڏ هلائي ويندي،

رمضان ۾ رش کان بچڻ لاءِ اضافي ٽرينز هلايون وينديون، اين سي او سي موجب راندين ۽ ثقافتي ميلن سوڌو ٻين تقريبن تي مڪمل پابندي هوندي ۽ ايس او پيز تي اين سي او سي جو جائزه اجلاس 10 رمضان تي ٿيندو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔