ڪورونا ايس او پيز تي هاڻ ڏنڊي سان عمل ڪرايو ويندو: فردوس عاشق اعواڻ

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير جي اطلاعات بابت خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪورونا ايس او پيز تي هاڻ ڏنڊي سان عمل ڪرايو ويندو.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته خدمت اوهان جي در تي پروگرام مان عوام کي ريليف ملندو ۽ هاڻ آفيسر شاهي جو به احتساب ٿيندو. عوام کي تڪليف پهچائيندڙن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو ۽ عوام کي ريليف ڏيڻ ۾ رنڊڪ وجهندڙ آفيسرن کي فارغ ڪيو ويندو. عالمي وبا ڪورونا سبب بگڙجندڙ صورتحال جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته هاڻ حڪومت ڏنڊي جي طاقت سان ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرائيندي. جهانگير ترين جي حوالي سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته جهانگير ترين تحريڪ انصاف جي جدوجهد جو حصو رهيو آهي. پر جنهن تي آڱر کڄي آهي اهو جواب ڏئي. جاچ  ڪندڙ ادارا جيڪڏهن کيس ڪلين چٽ ڏين ته حڪومت کي ڪوبه اعتراض نه آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔