ٽنڊي باگي ۾ جَوَن جو فصل تيار، واپارين اگهه ڪيرائي ڇڏيا

تعلقي ٽنڊي باگي جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ جَوَن جو نئون فصل تيار ٿي مارڪيٽ ۾ پھچي ويو، خبر موجب تعلقي ٽنڊي باگي جي مختلف شھرن کڏھرو، خليفو قاسم، ڏيئي، سانگي ڦراھو، کاڏو، پنگريو، کوسڪي، شادي لارج ۽ ڀرپاس وارن مختلف علائقن ۾ جَوَن جو نئون فصل تيار ٿي مارڪيٽ پھچي ويو آھي، پر واپارين اگهه ڪيرائي ڇڏيا آهن. اڪثر واپاري في مڻ جوَ 1500 کان وڌيڪ تي خريدڻ لاءِ تيار ناهن. ان سلسلي ۾ زميندارن سيد جڙيل شاھ، محمد بخش ملاح، عنايت رستماڻي ۽ ٻين ٻڌايو ته ڀاڻ، ٻج ۽ کيڙي مھانگي ٿيڻ ڪري جوَ جي فصل تي وڏو خرچ ڪيوسين، مٿان وري جَون جي اگهه ۾ هٿرادو لاٿ جي ڪري خرچ به ڳچيءَ ۾ پئجي ويو آهي. مٿان وري واپاري في مڻ تي 3 ڪلو ڪٽوتي ڪري رھيا آھن. هنن مطالبو ڪيو ته جَون جي مناسب اگهه تي خريداري يقيني بڻائي واپارين جي هڪ هٽي ختم ڪئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔