ڀارت روسي ويڪسين اسپٽنگ وي جي منظوري ڏئي ڇڏي

نئين دهلي: ڀارت روسي ڪمپني جي تيار ڪيل ڪورونا ويڪسين اسپٽنگ وي جي استعمال جي اجازت ڏئي ڇڏي.
اها اڳڀرائي اهڙي وقت سامهون آئي آهي، جڏهن ڀارت ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿي رهي آهي.
ڀارت ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ لک 61 هزار کان وڌيڪ ڪورونا جا نوان ڪيس سامهون آيا.
اهو مسلسل ستون ڏينهن آهي ته ڀارت ۾ روز هڪ لک کان وڌيڪ ڪورونا ڪيسن جي تصديق ٿي آهي.
ڀارت دنيا ۾ آمريڪا کانپوءِ ٻيو ڪورونا سان متاثر ترين ملڪ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔