واٽس ايپ رمضان بابت نوان اسٽيڪرز متعارف ڪرائي ڇڏيا

لنڊن: مشهور ميسجنگ ايپ واٽس ايپ رمضان کان اڳ نوان اسٽيڪرز متعارف ڪرائي ڇڏيا آهن.سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي ويب بيٽا انفو طرفان ٽوئٽ ڪئي وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نئين اسٽيڪرز آءِ او ايس ۽ اينڊرائيڊ صارفين جي لاءِ متعارف ڪرايا ويا آهن. ويب بيٽا انفو موجب واٽس ايپ صارفين کي واٽس ايپ اسٽور کان اهي اسٽيڪرز ڊائون لوڊ ڪرڻا پوندا.واضح رهي ته واٽس ايپ انتظاميه هن وقت مختلف نون ۽ دلچسپ فيچرز تي ڪم ڪري رهي آهي. ان کان اڳ واٽس ايپ طرفان اهي خبرون ملي رهيون هيون ته واٽس ايپ هڪ اهڙي فيچر تي ڪم ڪري رهيو آهي جنهن جي ذريعي صارفين واٽس ميسجز جي پلي بيڪ اسپيڊ کي تبديل ڪري سگهندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔