خراب ڏينهن گذري ويو، ايندڙ ڏينهن اسان جو آهي:بابراعظم

خراب ڏينهن گذري ويو، ايندڙ ميچ اسان جو هوندو، بابراعظم سيريز ۾ وري برتري جي عزم جو اظهار ڪري ڇڏيو.
پي سي بي پاران جاري وڊيو ۾ ڪپتان بابراعظم چيو آهي ته اسان جو ڏينهن سٺو نه هو، جلد ڪرندڙ وڪيٽن به ڪافي نقصان پهچايو جنهن ڪري اسان موومينٽ وڃائي ويٺاسين،مڊل آرڊر ۾ منهنجي ۽ حفيظ جي شرڪت به گهڻو وقت نه هلي.
ڏکڻ آفريقا سان ايندڙ ميچ جي باري ۾ بابراعظم چيو ته اسان جو خراب ڏينهن گذري ويو، اسان شڪست کي پوئتي ڪري مثبت شين سان ميدان ۾ لهنداسين، هڪ دفعو ٻيهر سيريز ۾ برتري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، مونکي منهنجي ٽيم تي مڪمل اعتماد آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔