اداڪار ٿيڻ لاءِ پيسا چوري ڪرڻ تي بابي ڏاڍي مار ڏني:جاويد شيخ

ڪراچي: مشهور اداڪار جاويد شيخ چيو آهي ته اداڪار ٿيڻ لاءِ والد جا پيسا چورايم ته الٽو ٽنگهي مار ڏني وئي.
مشهور اداڪار جاويد شيخ چيو آهي ته 12-13 سال جي عمر ۾ والد صاحب جي کيسي مان 100 روپيا چورايا هئا، جنهن کانپوءِ دوستن سان گڏ اداڪار ٿيڻ لاءِ لاهور جي ٽرين ۾ ويٺس، آئون ڏاڍو خوش هئس ۽ والد صاحب جي پيسن مان ٽرين ۾ لڏو کائي رهيو هئس ته والد صاحب دوستن سان ڳوليندي اچي اسٽيشن پهتو جنهن کانپوءِ ڳڄي مان وٺي گهر آندو ۽ مونکي ابتو ٽنگي مار ڏني.
جاويد شيخ چيو ته منهنجي پهرين گرل فرينڊ فرينچ هئي، منهنجي ان سان ڪراچي ۾ ملاقات ٿي هئي، هوءَ پيرس ۾ رهندي هئي ۽ هتي موڪلون گذارڻ آئي هئي، ان وقت مان ڪجهه به نه هئس، فرانس جي گرل فرينڊ سان ملي والد صاحب جي گاڏي وڪڻي ٽڪيٽ وٺي هليو ويو هئس جنهن تي وري منهنجي والد مونکي مار ڪڍي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔