آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ نون ليگ صدر شهباز شريف جي ضمانت منظور،آزاد ڪرڻ جو حڪم

لاهور : آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ نون ليگ صدر شهباز شريف جي ضمانت منظور ڪئي وئي ، کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو : لاهور هاءِ ڪورٽ شهباز شريف جي ضمانت منظور ڪري ورتي، 50-50 لک رپين جا 2 مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو: مريم نواز، شهباز شريف جي ضمانت منظور ٿيڻ تي ٽوئٽ ڪيو ته“شڪر الحمد الله”: راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته شهباز شريف کي 7 مهينن بعد انصاف مليو، نيب عمران خان جو انتقام جو ادارو آهي، جيڪو شهزاد اڪبر جي چوڻ تي ڪارروايون ڪري رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔