سپريم ڪورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، سپريم ڪورٽ وڪيلن جو چيمبر ڪيرائڻ واري نظر ثاني درخواستن تي ٻڌڻي دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کي 7 ڏينهن جي اندر جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته رجسٽرار عدالتي حڪمن کي سنجيده ناهي ورتو ۽ حڪمن تي عملدرآمد جونيئر آفيسرن تي ڇڏي ڏنو، رجسٽرار عدالتي فيصلي تي عملدرآباد ۾ ناڪام رهيو، ڇو نه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کي معطل ڪري ڇڏيون، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار جو دماغ خراب آهي، ان موقعي تي ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته غيرقانوني جڳهن تي قائم عدالتون ڪيرايون ويون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔