پ پ کان حڪومت سان سهڪار ڪرڻ جو جواب گهريو هو، هنن ڪاغذ ئي ڦاڙي ڇڏيو: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد : ن ليگ اڳواڻ ۽ پي ڊي ايم جي جنرل سيڪريٽري شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته جيڪا جماعت پي ڊي ايم ۾ نٿي رهڻ چاهي ان جو پنهنجو ۽ اسان جو پنهنجو رستو آهي،

عدالت ۾ پيشي بعد اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته 2 سالن کان پيش ٿي رهيو آهيان پر ڪجهه به ثابت ناهي ٿيو، جڏهن ته 600 ارب جي کنڊ مد ۾ عوام جو پيسو چوري ٿي چڪو آهي، هر شئي جون قيمتن ۾ وڌي رهيون آهن ۽ حڪومت ڪجهه نه پئي ڪري،

هن چيو آهي ته توهان جي خلاف هڪ لک 41 هزار ووٽ پيا آهن، هي تماشو ائين ئي لڳل هوندو ۽ نيب سوڌو ڪنهن کي به ڪرپشن نظر نٿو اچي، 600 ارب جي کنڊ اسڪينڊل ۾ چوري ٿي، براڊ شيٽ ڪميشن ڪنهن کي به نامزد نه ڪيو،

شاهد خاقان عباسي سوال ڪيو ته ڇا اڄ ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو مردم شماري آهي؟ مهانگائي وڌي وئي، بجلي ۽ گئس جي قيمتن ۾ اضافو ٿي ويو، اهو وقت پري ناهي جڏهن احتساب ڪرڻ وارن جو احستاب ٿيندو،

ليگي اڳواڻ جو چوڻ هو ته بلاول جي معافي واري مطالبي کي انهي نظر سان ڏسان ٿو، جيڪا جماعت اتحاد جو اعتماد وڃائي ڇڏي ان جي شموليت جو ڪو به امڪان نه آهي، پ پ کان حڪومت سان گڏ تعاون ڪرڻ جو جواب گهريو هو، هنن ڪاغذ ئي ڦاڙي ڇڏيو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔