پي ڊي ايم کان لاتعلقي: پيپلز پارٽي استعيفائون فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي پهچائي ڇڏيون

اسلام آباد: پيپلز پارٽي پي ڊي ايم تان لاتعلقي واري اعلان جي فيصلي تي عمل ڪندي سمورن عهدن تان استعيفائون فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي پهچائي ڇڏيون آهن. جنرل سيڪريٽري نيئر بخاري شيري رحمان، راجه پرويز اشرف ۽ قمرزمان ڪائره جون استعيفائون کڻي ويون.

پيپلز پارٽي جو پي ڊي ايم عهدن تان استعيفائن جو معاملو چيئرمين بلاول ڀٽو جي لکت ۾ منظوري کان پوءِ پيپلز پارٽي استعيفائون مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي پهچائي ڇڏيون. جنرل سيڪريٽري سيد نيئر حسين بخاري جي ذريعي استعيفائون مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي پهچايون ويون.

واضح رهي ته پي ڊي ايم سينيٽ ۾ اپوزيشن اڳواڻ جي چونڊ دوران بلوچستان عوامي پارٽي کان ووٽ وٺڻ تي پيپلز پارٽي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو هو. پيپلز پارٽي نوٽيس جي رد عمل ۾  پي ڊي ايم کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو.

اپوزيشن اتحاد جي اهم پارٽي(ن) ليگ جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي پيپلز پارٽي جي پي ڊي ايم تان ڌار ٿيڻ جي اعلان بابت چيو هو ته جيڪا پارٽي اتحاد جو اعتماد وڃائي ويهي منهنجي نظر ۾ ان لاءِ ڪابه گنجائش ناهي.

فيصلو پي ڊي ايم جون پارٽيون ڪنديون. جيڪا پارٽي اتحاد ۾ نٿي رهڻ چاهي ته پوءِ ان جو پنهنجو رستو آهي ۽ اسان جو پنهنجو رستو آهي. اسان جو مقصد نظام جي تبديلي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔