سيڪيورٽي فورس جو ڏکڻ وزيرستان ۾ آپريشن، ٽي ٽي پي جو دهشتگرد مارجي ويو

اسلام آباد:سيڪيورٽي فورس ڏکڻ وزيرستان جي علائقي لدها ۾ آپريشن ڪيو. ان دوران فائرنگ جي ڏي وٺ دوران دهشتگرد پير عرف اسد مارجي ويو. جيڪو 2006ع کان پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جو سرگرم ڪارڪن هو.

آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ڏکڻ وزيرستان جي علائقي لدها ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جو دهشتگرد پير عرف اسد مارجي ويو.

پير عرف اسد 2006ع کان پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جو سرگرم ڪارڪن هو. هن بيت الله محسود گروپ ۾ رهي سيڪيورٽي فورسز جي خلاف مختلف دهشتگرد وارداتون ڪيون. پير عرف اسد حڪيم الله محسود جي مارجي وڃڻ کان پوءِ شهريار محسود گروپ ۾ شامل ٿي ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔