ايران جي جوهري پلانٽ تي اسرائيل جو سائبر حملو

تهران: ايران جي جوهري هٿيارن کي اسرائيلي ڳجهي ايجنسي موساد سائبر حملي جو نشانو بڻايو آهي.
اسرائيلي ميڊيا ٻڌايو آهي ته هي هڪ سائبر حملو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪافي نقصان ٿيو آهي، ان حملي کانپوءِ نطنز ۾ بجلي غائب ٿي وئي هئي.
ايراني جوهري توانائي تنظيم به بيان ۾ چيو آهي ته نطنز ۾ واقع جوهري تنصيب تي دهشتگردي جو حملو ٿيو آهي، ايراني جوهري توانائي اداري جي سربراهه علي اڪبر صالحي ان کي ايٽمي دهشتگردي قرار ڏنو.
ايراني پرڏيهي وزير محمد جواد ظريف واقعي جي ذميواري اسرائيل تي هڻندي چيو آهي ته ان جو بدلو ورتو ويندو، هن چيو ته ايران عالمي پابندين جي خاتمي ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي جنهن جو اسرائيل بدلو وٺڻ چاهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔