ڀارتي پنجاب ۾ ڪڻڪ جي لاباري سان گڏ هارين جا ڌرڻا به جاري

نئين دهلي: ڀارتي پنجاب ۾ بيساکي جو ڏڻ ملهائڻ سان گڏ ڪڻڪ جي لاباري جي شروعات ڪري ڇڏي وئي آهي ته گڏ ڪاري قانون خلاف ڌرڻا به جاري آهن.
ڀارتي پنجاب جي ضلعي امرتسر ۾ هارين فصل جي پچڻ جي خوشي ملهائي، مردن ڍول وڄايو، جڏهن ته عورتن ٻني ۾ روايتي رقص جو مظاهرو ڪيو، آبادگارن جو چوڻ آهي ته مودي مٿن ڪارو قانون مڙهي کين احتجاج تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، ان موقعي تي عورتن جو چوڻ هو ته هو مردن سان گڏ جدوجهد ۾ شامل آهن.
ٻئي طرف 26 نومبر 2020 کان دلي جي ڀرپاسي هارين جا ڌرڻا جاري آهن جڏهن ته ڀارتي سرڪار احتجاج ڪندڙن کي گرفتار ڪرڻ جو سلسلو پڻ جاري رکيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔