پيپلز پارٽي اڄ سياسي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي: مولانا عبدالغفور حيدري

اسلام آباد: مخالف ڌر اتحاد پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) جي عهدن تين مستعفي ٿيڻ واري پاڪستان پيپلز پارٽي جي فيصلي تي جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جو رد عمل اچي ويو. جي يو آءِ جي سينيئر اڳواڻ مولانا عبدالغفور جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي اڄ سياسي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي استعيفيٰ ان وقت ڏئي ها جڏهن هن باپ کان ووٽ ورتا هئا، پيپلز پارٽي عمران خان جي حڪومت کي سهارو ڏئي رهي آهي، پيپلز پارٽي جيڪو ڪري رهي آهي، ان جو جواب عوام ايندڙ اليڪشن ۾ ڏيندو. هن کان سوال ڪيو ويو ڇا پي ڊي ايم اي اين پي ۽ پيپلز پارٽي کان معافي گهرندي؟ ان تي غفور حيدري جو چوڻ هو ته معافي ڪهڙي ڳالهه جي؟ غلطيون ۽ چالاڪيون هو ڪن ۽ معافيون اسان ڪيئن گهرون؟ پيپلز پارٽي جي وڃڻ جي خوشي ٿي. غفور حيدري کان وڌيڪ سوال ڪيو ويو ته ڇا پي ڊي ايم جي ٻيهر گڏ ٿيڻ جي ڪا گنجائش ناهي؟ ان تي سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي جي پي ڊي ايم ۾ واپسي جو رڳو هڪ ئي رستو آهي، يوسف رضا گيلاني استعيفيٰ ڏئي ان کان پوءِ اڳتي ڳالهه ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔