نيب شهباز شريف خلاف هڪ ٻئي ڪيس جي جاچ شروع ڪري ڇڏي

راولپنڊي: مسلم ليگ ن جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف خلاف پنجاب ڪو آپريٽو بينڪ جي سي اي او جي غير قانوني مقرري بابت هڪ ٻئي ڪيس جي جاچ شروع ڪري ڇڏي. نيب راولپنڊي جي ٽيم احتساب عدالت کان شهباز شريف سان جيل ۾ جاچ لاءِ اجازت طلب ڪئي جنهن کي عدالت جي ڊيوٽي جج شيد سجاد احمد نيب جي ٽيم کي جاچ جي اجازت ڏئي ڇڏي. نيب طرفان عدالت ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو هو ته شهباز شريف خلاف 2012ع ۾ پنجاب ڪو آپريٽو بينڪ جي سي اي او سيد طلعت جي مقرري جي غير قانوني طور منظوري ڏيڻ جي انڪوائري شروع ڪئي وئي آهي. نيب موقف اختيار ڪيو ته سيد طلعت محمود جي مقرري ۾ بيضابطگيون ٿيون. نيب درخواست سان گڏ اجازت نامي جو خط شهباز شريف لاءِ سوال نامي جي ڪاپي سميت سلهاڙيو ويو آهي ۽ عدالت کان جاچ جي اجازت طلب ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔