نيب گرفتار جلدي پر ريفرنس ڏيڍ سال کان پوءِ ٿو داخل ڪري: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ڪوڙي اڪائونٽس ڪيس جي جوابدارن جي ضمانت وارو معاملو اُڪلائيندي کين ٻيهر هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ ۾ ڪوڙي بينڪ اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي دوران جوابدارن وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته هن جا اصل 2 سال 8 مهينن کان جيل ۾ آهي، شريڪ جوابدارن جون ضمانتون ٿي چڪيون آهن. جسٽس مشير عالم ريمارڪس ڏنا ته نيب جوابدارن کي ائين ئي گرفتار پيو ڪري، جوابدارن جي گرفتاري جي ڏيڍ سال کان پوءِ ريفرنس داخل ڪيو ويندو آهي. جسٽس قاضي امين چيو ته قومي احتساب بيورو (نيب) جي ڪيسن ۾ وڪيلن جي عدم حاضري تي چارج فريم ناهي ٿيندو، چارج فرم کي وڪيل جي اچڻ سان ڪيئن ٿو جوڙي سگهجي؟ چارج فريم ڪرڻ جوابدار ۽ عدالت جي وچ جو معاملو هوندو آهي. جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته ضمانت واري درخواستن ۾ هارڊ شپ تي ضمانت نه گهري هئي، جوابدارن ميرٽ ۽ ميڊيڪل گرائونڊز تي ضمانت گهري آهي، جيڪڏهن هارڊ شپ تي ضمانت کپي ته ٻيهر هاءِ ڪورٽ وڃو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔