پاڪستان، جرمني سان نوان اقتصادي لاڳاپا چاهي ٿو: شاهه محمود قريشي

برلن: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان جرمني سان نون اقتصادي لاڳاپن جو خواهشمند آهي. جرمني جي ٻن ڏينهن واري دوري دوران پنهنجي جرمن هم منصب هائيڪو ماس سان ملاقات کان پوءِ برلن ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ جرمني ۾ 70 سالن کان دوستاڻا ۽ مضبوط لاڳاپا آهن. سندس چوڻ هو ته جرمني يورپي يونين کان سواءِ سڄي دنيا جي معيشت تي گهرو اثر رکي ٿي، پاڪستان جرمن ٽيڪنالاجي جي ڏيوٺ مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي لاءِ جي ايس پي پلس کي حاصل ڪرڻ ۾ جرمني جي سهڪار جا ٿورا ادا ڪيا ۽ چيو ته پاڪستان جرمني سان نوان اقتصادي لاڳاپا چاهي ٿو. سندس چوڻ هو ته ايف اي ٽي ايف کي سياسي فورم بڻجڻ کان بچائڻ جي لاءِ جرمني جا ٿورائتا آهيون. هن ڪورونا وائرس کان بچاءَ جي لاءِ ويڪسين جي فراهمي لاءِ جرمني سان سهڪار تي به ٿورا مڃيا. ان موقعي تي جرمن پرڏيهي وزير خطي ۾ امن جي لاءِ پاڪستان جي قربانين جو اعتراف به ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔