ڪنھن کي اختيار ناھي ته سنڌين جي سڃاڻپ ڪارڊن بابت فيصلو ڪري: اسماعيل راهو

ڪراچي: سنڌ جي زراعت واري صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته ڪنھن مائي جي لال کي اختيار ناھي ته سنڌين جا سڃاڻپ ڪارڊ نه ٺاهڻ جو فيصلو ڪري، شيخ رشيد کي معافي وٺڻ گهرجي. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جي بيان تي ردعمل ڏيندي اسماعيل راهو چيو ته سنڌ جي عوام کي اھو اختيار ضرور آھي ته اهو فيصلو ڪري ته ڪراچي ۾ ڪنھن جو شناختي ڪارڊ ٺاهڻو آھي ۽ ڪنهن جو نه، عمران خان ڪير ٿيندو آھي جو سنڌين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ يا نه ڏيڻ جو فيصلو ڪري. هن چيو ملڪ جوگهرو وزير چئي ٿو ته سنڌين جا ڪراچي ۾ سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهجن يا نه اھو فيصلو وزيراعظم ڪندو، ڪراچي ۾ سنڌين جا ڪارڊ نه ٺھندا ته باقي ٻيو ڪنھن جا ٺھندا؟ وفاق افغانين، بنگالين، بھارين جا شناختي ڪارڊ پھريان ئي ٺاهي رھيو آھي، جيڪا سنڌ خلاف سازش آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔