پنهنجي زبان تان ڦِري ويندڙ جماعت پي ڊي ايم ۾ نٿي رهي سگهي: شاهد خاقان’

اسلام آباد: پي ڊي ايم جنرل سيڪريٽري شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پ پ کان وضاحت گهري هئي ته توهان پي ڊي ايم جي مفاد کي ٽوڙيو آهي، پ پ کي وضاحت جو جواب ڏيڻو آهي ته ڏئي نه ته اسان اجلاس ڪري فيصلو ٻڌائي ڇڏينداسين. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته پ پ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ منهنجو خط ڦاڙي ڦٽو ڪيو ويو ته منهنجو جواب به خدا حافظ آهي. هن چيو ته معافي ڇا جي؟ اهڙيون ڳالهيون نه ڪيو، بلاول کي ذميواري سان ڳالهائڻ گهرجي، تماشو نه لڳايو، بلاول جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن، انهن سان اعتماد بحال نه ٿيندو، پ پ کي پي ڊي ايم ۾ رهڻو آهي ته پنهنجو اعتماد بحال ڪري. سندس چوڻ هو ته پ پ اسان کي وضاحت ڏئي ها ۽ مجبوري ٻڌائي ها ته ان کي ڪرسي گهربي هئي، جيڪا جماعت پنهنجي زبان تان ڦري وڃي اها پي ڊي ايم ۾ نٿي رهي سگهي. اڳوڻي وزيراعظم موجب پي ڊي ايم جو ايندڙ اجلاس مولانا فضل الرحمان طلب ڪندو، هاڻ پي ڊي ايم ويهي نئين حڪمت عملي ٺاهيندي، پ پ وضاحت جو جواب ڏئي نه ته اسان اجلاس ڪري فيصلو ٻڌائي ڇڏينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔