مايا علي جو خوبصورت انداز مداحن کي وڻي ويو

ڪراچي: ٽي وي جي ڊرامي”من مائل“ کان شهرت جي بلندين تائين پهتل اداڪاره مايا علي فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپليڪيشن(ايپ) انسٽاگرام تي پنهنجون تصويرون شيئر ڪيون.
تصوير سان گڏ مايا علي لکيو ته ”خوشي ننڍن ننڍن لمحن کي جيئڻ جو نالو آهي“.
مايا علي جي انهن تصويرن کي مداحن ڏاڍو پسند ڪيو آهي ۽ سندس خوبصورتي جو راز پڇي رهيا آهن، هڪ مداح اهو به لکيو ته توهان کي ڏسڻ ۾ ئي اصل خوشي آهي.، مشهور اداڪار عائمه بيگ به اداڪاره مايا علي جي تصويرن جي ساراهه ڪئي آهي ۽ ايموجي ٺاهي پنهنجي پسند جو اظهار ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔