والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ، وڌيڪ پنج ڪشميري نوجوان شهيد

سري نگر: والاريل وادي ۾ قابض فوج فائرنگ ڪري وڌيڪ 5 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو.ڪشمير ميڊيا سروس موجب والاريل وادي ۾ قابض فوج رياستي دهشتگردي جي تازي ڪارروائي دوران وڌيڪ 5 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڀارتي فوج ضلعي شوپيان ۾ نام نهاد سرچ آپريشن جي دوران فائرنگ ڪري 3 جڏهن ته اسلام آباد ۾ 2 نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو.واضح رهي ته گذريل چئن ڏينهن دوران ڀارتي فوج جي فائرنگ سبب هينئر تائين 12 ڪشميري نوجوان شهيد ٿي چڪا آهن. جمعي جي ڏينهن به نام نهاد سرچ آپريشن جي دوران ڀارتي فوج 4 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو جڏهن ته سفاڪ فوج ضلعي شوپيان ۾ هڪ مسجد تي به گوليون وسايون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔