يمن ۾ اتحادي فوج ۽ ويڙهاڪن ۾ چڪريون، پنجاهه کان وڌيڪ مارجي ويا

صنعا: يمن ۾ تيل جي ذخيرن کان مالا مال تاريخي شهر مارب ۾ سعودي سربراهي ۾ قائم اتحادي فوج ۽ حوثي باغين جي ويڙهاڪن وچ ۾ چڪرين دوران 22 فوجي ۽ 31 ويڙهاڪ مارجي ويا. عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب جنگ واري علائقي يمن جي شهر مارب جي قبضي لاءِ اتحادي فوج ۽ حوثي باغين وچ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 31 ويڙهاڪ ۽ 22 فوجين جي مارجي وڃڻ جي باوجود ويڙهه جاري آهي. مارب ۾ هر جڳهه تي لاشون پيل آهن ۽ ڌماڪن سبب اٿندڙ دونهين جي ڪڪرن شهر جي هوا کي بدبودار ڪري ڇڏيو آهي. ميزائلن جي ڪرڻ بارود جي بدبو ۽ گولين جي آوازن سبب شهري گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن. حوثي باغي ڪيتري ئي وقت کان تيل جا ذخيرا رکندڙ شهر مارب تي قبضي جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ تازي جنگ ۾ اڳرائي ڪندي ڏکڻ اوڀر جي ڪجهه علائقن کي پنهنجي قبضي ۾ به وٺي ڇڏيو آهي.اتحادي فوج مارب جي علائقن مان حوثي باغين جي قبضي جي تصديق ڪئي آهي پر بيان ۾ اهو به واضح نه ڪيو ويو آهي ته في الحال مارب جي شهر تي حوثي مليشيا جي مڪمل ڪاميابي جو ڪو امڪان نه آهي. ٻئي طرف حوثي باغين مارب ۾ پنهنجي ڪاميابي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته جلد سموري شهر ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔