هلندڙ سال لاءِ زڪوات جو نصاب 80 هزار 933 رپيا مقرر

اسلام آباد: حڪومت اسلامي سال 42-1441 هجري لاءِ زڪوات جو نصاب 80 هزار 933 رپيا مقرر ڪري ڇڏيو.
تخفيف غربت ۽ سماجي تحفظ ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب هلندڙ سال زڪوات جو نصاب 80 هزار 933 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته 80 هزار 933 کان گهٽ رقم تي زڪوات جي ڪٽوتي نه ٿيندي.
پڌرائيءَ موجب پهرين رمضان المبارڪ کان بئنڪون پاڻ ئي رقم ڪڍڻ شروع ڪري ڇڏينديون، جيڪا چنڊ ڏسجڻ جي اعتبار سان 14 کان 15 اپريل هوندي.
جن بئنڪ اڪائونٽن ۾ 80 هزار 933 رپين جي رقم موجود هوندي، انهن مان زڪوات ڪڍي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔