برطانيا جو شهزادو فلپ لاڏاڻو ڪري ويو

لنڊن: برطانيا جي راڻي ايلزبٿ جو مڙس شهزادو فلپ 99 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
بڪنگهم پيلس به شهزادي فلپ جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته شهزادي فلپ جو لاڏاڻو اڄ صبح قلعي ونڊسر ۾ ٿيو.
برطانوي ميڊيا موجب شهزادي فلپ جي طبيعت ڪجهه عرصي کان خراب هئي ۽ هن کي هلندڙ سال فيبروري ۾ طبيعت خراب ٿيڻ تي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.
شهزادو فلپ بيماري وڏي عمر جي ڪري آگسٽ 2017ع ۾ شاهي ذميوارين تان دستبردار ٿي ويو هو ۽ هن کي آخري ڀيرو جولاءِ 2020ع ۾ ڪنهن عوامي تقريب ۾ ڏٺو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔