”پاڪستان کي سيلز ۽ انڪم ٽيڪس ۾ سڌارا ڪرڻا پوندا“

اسلام آباد: آءِ ايم ايف پاڪستان جي ٻئين کان پنجين جائزي واري مشن جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.
آءِ ايم ايف کي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي 2022ع جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٽيڪس سڌارا ۽ اسٽيٽ بينڪ کي وڌيڪ خودمختياري ڏيڻي پوندي، هلندڙ پاڪستان جي جي ڊي پي 1.5 سيڪڙو ۽ مهانگائي جي شرح 8.7 سيڪڙو رهندي.
رپورٽ موجب 2020-21 ۾ بجيٽ خسارو 7.1 سيڪڙو تائين رهندو، هلندڙ سال قرضن ۽ رهتن جي شرح جي ڊي پي جي 92.9 سيڪڙو تائين رهندي، جاري کاتن جو خسارو 1.5 سيڪڙو تائين رهندو، ٻاهرين قرضن جو حجم جي ڊي پي جو 42.1 سيڪڙو تائين رهندو جڏهن ته هلندڙ مالي سال ناڻي جي مٽا سٽا جا ذخيرا 14.4 ارب ڊالر رهندا.
رپورٽ موجب پاڪستان کي سيلز ٽيڪس ۽ انڪم ٽيڪس ۾ سڌارا ڪرڻا پوندا، پاڪستان جي موجوده مانيٽري پاليسي درست آهي البت ڊالر جو مارڪيٽ ريٽ ضروري آهي، پاڪستان ۾ تازن قدمن جي ڪري توانائي جي شعبي جي رهتن تي ضابطو آندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔