رت ۾ شگر وڌڻ تي پاڻمرادو انسولين خارج ڪندڙ ڪيپسول

ابوظهبي : شايد اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن انسولين جو ٽڪو لڳائڻ کان ڇوٽڪارو ملي ويندو ڇو جو تجرباتي طور تي هڪ ڪيپسول تيار ڪيو ويو آهي جيڪو رت ۾ گلوڪوز جو مقدار وڌڻ تي پاڻمرادو انسولين خارج ڪري سگھي ٿو.
ابوظهبي ۾ موجود نيويارڪ يونيورسٽي هڪ ڪيپسول تيار ڪيو آهي جيڪو پيٽ جي تيزابي ماحول ۾ سلامت رهندي ضرورت وقت ئي رت ۾ انسولين خارج ڪري ٿو. وات مان کاڌو ويندڙ اهو ڪيپسول وات، هاضمي واري نالي ۽ معدي ۾ ڳرڻ کان محفوظ رهي ٿو.
في الحال رت ۾ شگر جي مقدار کي معمول تي رکڻ لاءِ ڪروڙين مريض روزانو جلد ۾ انسولين جي انجيڪشن لڳائيندا آهن جيڪو هڪ تڪليف ڏيندڙ عمل آهي، اهو ئي سبب آهي جو ڪيترائي مريض ان کان پاسو به ڪندا آهن. جيتوڻيڪ تجرباتي طور ڪيپسول ته بڻايو ويو آهي پر اهو عمل سولو نه هو. انسولين جو ماليڪيول گھڻو حساس هوندو آهي ۽ پيٽ ۾ پهچندي ئي ترت پنهنجو تاثير وڃائي ويهندو آهي. ان ڪري انسولين کي سٺي طرح پيڪ ڪرڻ جي ضرورت پئي ته جيئن اهو آنڊن مان گذرڻ بعد به محفوظ رهي.
کاڌو ويندڙ انسولين ڪيپسول کي اين سي او ايف جو نالو ڏنو ويو جنهن جو مطلب گيسٽرو رسسٽنٽ امائن لنڪڊ ڪوويلنٽ آڙگينڪ فريم ورڪ نينو پارٽيڪلز آهي. اين سي او ايف پاڻ مرادو رت ۾ شگر جو مقدار نوٽ ڪندو آهي. ان جو عمل گھڻو سادو آهي يعني گلوڪوز جا ماليڪيولز ايترا ته ننڍا هوندا آهن جو اهي اين سي او ايف ۾ سمائجي ويندا آهن ۽ هڪ وقت اهڙو به ايندو آهي جڏهن رت ۾ شگر وڌي ويندي آهي. جيئن ئي رت ۾ گلوڪوز جو مقدار معمول تي ايندو آهي انسولين جو خارج ٿيڻ بند ٿي ويندو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔