بلڊ پريشر جون دوائون کائيندڙ مريضن لاءِ وڏي خبر! ماهرن جو اهم مشورو

تازي تحقيق مان اهو سامهون آيو آهي ته بلڊ پريشر جي دوا رات جو سمهڻ کان پوءِ وٺڻ مريضن لاءِ وڌيڪ اثرائتو ٿي سگهي ٿي.

ماهرن موجب رات جو دوا کائڻ سان لڳاتار 24 ڪلاڪن تائين، خاص طور تي صبح جي وقت، بلڊ پريشر ڪنٽرول ۾ رهندو آهي. هي اهم آهي ڇو ته صبح جي وقت بلڊ پريشر اوچتي وڌڻ جو امڪان وڌيڪ هوندو آهي، جيڪو دل جي دوري يا اسٽروڪ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

ڪجهه مطالعن مان خبر پئي آهي ته رات جو دوا کائڻ سان ننڊ تي به هاڪاري اثر ٿي سگهي ٿو، خاص طور تي جڏهن دوا ۾ ٿورو پرسڪون اثر (sedative effect) موجود هجي.

2019 ۾ ڇپيل هڪ تحقيق موجب جيڪي ماڻهو پنهنجي بلڊ پريشر جي دوا رات جو کائن ٿا، انهن ۾ دل جو دورو، اسٽروڪ ۽ دل جي ٻين بيمارين جا خطرا نمايان طور تي گهٽجي وڃن ٿا.

ان کانسواءِ هي طريقو گهڻن ڪيليشيم چينل بلاڪر، اي آر بيز، اي سي اي انھيبيٽرز ۽ ڪجهه پيشاب ڏياريندڙ دوائن سان موثر ثابت ٿيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔