پشاور: پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته اسان افغانستان سان معاملا طئي ڪرڻ کان سواءِ نٿا رهي سگهون، جيستائين ڳالهيون نه ٿينديون امن نٿو ٿئي سگهي.
پشاور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي سلمان اڪرم راجا چيو ته اپوزيشن جو خيال هو ته اسان جي پارٽي ۾ ڪوبه تفرقو نٿو وجهي سگهي، هي هاڻ ناڪام ٿي چڪا آهن، اپوزيشن ٻاراڻيون ڳالهيون ڪري رهي آهي، جمهوري عمل اڳيان وڌي چڪو آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته افغانستان جو پاڪستان تي حملو افسوسناڪ آهي پر اسان افغانستان سان معاملا طئي ڪرڻ کان سواءِ نٿو رهي سگهون. افغانستان سان سرحد بند به نٿا ڪري سگهون، معاش ۽ روزگار انهي سان جڙيل آهي.