ڳڙهي خيرو ڀرسان پُراڻي تڪرار تان 3 معصوم ٻارن سوڌو 8 ڄڻا قتل

ڳڙهي خيرو/شهدادڪوٽ : سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙن جي خوني راند جاري آهي ، ڳڙهي خيرو ڀرسان پُراڻي تڪرار تان ٽن معصوم ٻارن سوڌو هڪ ئي ڪٽنب جا 6 ڀاتي قتل ٿي ويا، ڳوٺ ڪالو ڪٽوهر ۾ هٿياربندن گهر تي حملي دوران اڌنڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي، مارجي ويلن ۾ 50 سالن جو محمد بچل، غلام سرور، سندس زال مور زادي، هڪ سال جو عبدالجبار، ٽن ورهين جو راجا خان ۽ پنج سالن جو شاهزيب ڪٽوهر شامل آهن، جڏهن ته ڪٽوهر برادري جي هٿياربندن جو پلاند ۾ شهدادڪوٽ جي ڳوٺ نور محمد جلباڻي تي حملو، فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا، مارجي ويلن ۾ ممتاز جلباڻي ۽ محمد بخش جلباڻي شامل، واقعي بعد علائقي ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔