ڪراچي ۾ سمورا غير قانوني شادي هال بنا دير ڪيرائڻ جو حڪم

ڪراچي: سپريم ڪورٽ ڪراچي شهر ۾ موجود سمورا غير قانوني شادي هال فوري طور ڪيرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس مظهر عالم خان ميان خيل تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ ڪراچي رجسٽري ۾ شادي هالن بابت مختلف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. ڪورنگي شادي هالز ايسوسيئيشن جي وڪيل انور منصور خان ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته ڪورنگي جا شادي هال ڪمرشل پٽي تي قائم آهن، ڪمرشل هجڻ سان شادي هال قانوني حيثيت رکن ٿا، ايس بي سي اي کي اسان جا شادي هال ڪيرائڻ کان روڪيو وڃي، ماڻهو روڊ تي رهڻ پسند ناهن ڪندا، تنهن ڪري روڊ جي ڀرپاسي کي ڪمرشل ڪيو ويو. چيف جسٽس، انور منصور خان ايڊووڪيٽ کي مخاطب ٿيندي ريمارڪس ڏنا ته اهو مفروضو آهي، ان جو مطلب اهو ناهي ته سڀ ڪمرشل ڪري ڇڏيون، ايس بي سي اي کي ائين ڪرڻ جو ڪو اختيار نه هو، اهي سڀ جعلي دستاويز آهن. جسٽس گلزار احمد ڪراچي جي ڪمشنر کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڪنهن به روڊ تي وڃو شادي هال نظر ايندا، ڪيترائي شادي هال رفاعي پلاٽن تي ٺاهيا ويا، سڄي ڪراچي ۾ شادي هال ٺهي رهيا آهن، وڃو ۽ شادي هال ڪيرايو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔