پاڪستاني پارلياماني وفد کي افغانستان ۾ لينڊنگ جي اجازت نه ملي، دورو ملتوي

اسلام آباد: قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ افغانستان جي دوري تي ويندڙ پارلياماني وفد جي جهاز کي ڪابل ايئرپورٽ تي لينڊنگ جي اجازت نه ملڻ سبب دورو ملتوي ڪيو ويو. اسد قيصر پارلياماني وفد سان گڏ ٽن ڏينهن جي دوري لاءِ افغانستان روانو ٿيو هو، وفد ۾ افغانستان بابت خاص نمائندو محمد صادق خان، پارليامينٽ ميمبر غلام مصطفيٰ شاهه، ساجد خان، راڻا تنوير، گل داد خان، شيخ يعقوب ۽ شاندانا گلزار به شامل هئا. پاڪستاني وفد کي 8 کان 11 اپريل تائين افغانستان جو دورو ڪرڻو هو ۽ ان دوران افغان صدر، پرڏيهي وزير ۽ افغان پارليامينٽ جي اسپيڪر سان ملاقاتون ڪرڻيون هيون پر اهو دورو اوچتو ملتوي ڪيو ويو. پارلياماني سيڪريٽريٽ سربراهه دورو ملتوي ٿيڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته اسد قيصر جي سربراهي ۾ وفد جو دورو سيڪيورٽي سببن جي بنياد تي ملتوي ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔