يافته ملڪ ڪرونا ويڪسين جي پيداوار وڌائن ۽ ترقي پذير ملڪن کي ٽيڪنالاجي فراهم ڪن: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ترقي يافته ملڪ ڪورونا ويڪسين جي پيداوار وڌائن ۽ ترقي پذير ملڪن کي ٽيڪنالاجي فراهم ڪن. ڏهين ڊيولپنگ 8 ورچوئل سمٽ کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪورونا سبب سڄي دنيا جي معيشت کي نقصان پهتو، ان دوران ڪروڙين ماڻهو بي روزگار ۽ قرضي ٿي ويا، نوجوانن کي نوان پليٽ فارم فراهم ڪرڻا پوندا، کين تعليم سان گڏ هنر به سيکارڻو پوندو. هن چيو ته ڪورونا ترقي پذير ملڪن کي وڏي پئماني تي نقصان پهچايو، اهي ملڪ چئلينجن کي اڪيلي سر منهن نٿا ڏئي سگهن، ڊي ايٽ گذريل 4 سالن کان اثرائتو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ڊي ايٽ ملڪن کي موجوده دور جي تقاضن کي ڏسي منصوبا ٺاهڻ گهرجن، ترقي يافته ملڪ ڪورونا ويڪسين جي پيداوار وڌائن ۽ ترقي پذير ملڪن کي ٽيڪنالاجي فراهم ڪن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔