وفاقي حڪومت جو هڪ کان 16هين گريڊ جون سوين جايون ختم ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: وفاقي حڪومت گريڊ هڪ کان 16 تائين سوين جايون ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب اهو فيصلو ناڻي واري وزارت جي وفاقي حڪومت جي نئين سر تنظيم بابت سمري تي ڪيو ويو آهي، ختم ڪئي ويندڙ جاين ۾ ٽرانسفر، پوسٽنگ ۽ ترقي سبب خالي جايون شامل نه هونديون. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا ڪميٽي جي وزارتن کي هڪ مهيني ۾ خالي جاين جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. صحت، تعليم ۽ پوليس جي گريڊ هڪ کان 16 جون جايون ختم نه ڪيون وينديون. ذريعن موجب خرچن ۾ گهٽتائي ۽ وسيلن جي بهتر استعمال لاءِ ڪابينا ڪميٽي اهو فيصلو ڪيو، جايون ختم ٿيڻ سان پگهارن ۽ پينشن جي مد ۾ اربين رپين جي بچت ٿيندي، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ڪابينا ڪميٽي جو فيصلو سڀني وزارتن ۽ ڊويزنز کي موڪلي ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔