هاڻ ڪراچي ۾ لوڊ مينجمنٽ جي ضرورت نه پوندي، ڪي اليڪٽرڪ جي دعويٰ

ڪراچي: ڪي اليڪٽرڪ جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر (سي اي او) مونس علوي چيو آهي ته نيشنل گرڊ مان ڪراچي کي هن وقت تائين 650 جي بدران 1100 ميگا واٽ بجلي گڏائيندي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سي اي او ڪي اليڪٽرڪ مونس علوي جو چوڻ هو ته اسان جو معاهدو گيس جي حوالي سان پي ايل ايل سان ٿيو آهي، نيشنل گرڊ مان 650 جي بدران 1100 ميگا واٽ بجلي شهر کي فراهم ڪئي ويندي، 900 ميگا واٽ بن قاسم پاور پلانٽ تي 70 سيڪڙو ڪم ڪيو ويو آهي. مونس علوي جو چوڻ هو ته 190 ايم ايم سي ايف ڊي گيس فراهم ڪئي ويندي، 220 ڪي وي ڄامشوري جي ڊي اي ڊبل سرڪٽ تي سمورو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي. ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان سعديه دادا جو چوڻ هو ته هاڻ ڪراچي ۾ لوڊ مينجمنٽ ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي، عيد جي ڏينهن ۾ سڄي شهر ۾ ڪٿي لوڊشيڊنگ نه ڪئي ويندي ۽ رمضان ۾ 75 سيڪڙو فيڊرز کي لوڊشيڊنگ کان آجو رکيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔