ڊسڪا چونڊ: اليڪشن ڪميشن تڪ ۾ فائرنگ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد: اين اي 75 ڊسڪا جي علائقي ڪسووال ۾ هوائي فائرنگ تي اليڪشن ڪميشن نوٽيس وٺي ڇڏيو. ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪميشن، ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر سيالڪوٽ کي ان حوالي سان خط لکيو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪسووال ۾ ن ليگ جي اڳواڻي ايم پي اي جي اچڻ تي هوائي فائرنگ ڪئي وئي ۽ ڄاڻ موجب هڪ شخص کي اغوا به ڪيو ويو. ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته فائرنگ جي واقعي ۽ قانوني ڪارروائي بابت رپورٽ ڏني وڃي. واضح رهي ته قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 75 ۾ ننڍي چونڊ جي ري پولنگ 10 اپريل تي ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔