لاهور هاءِ ڪورٽ پاران رمضان المبارڪ ۾ شگر ملز کان کنڊ 80 رپيا ڪلو خريدڻ جو حڪم

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ رمضان المبارڪ ۾ شگر ملز کان کنڊ 80 رپيا ڪلو خريدڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد جميل شگر ملز جي هڪ نوعيت جي الڳ لڳ درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ 80 رپيا ڪلو کنڊ خريدڻ جي لاءِ سرڪاري حڪمن کي چيلينج ڪيو هو. سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته صوبي جي شگر ملز وٽ 25 لک ٽن کنڊ موجود آهي جڏهن ته رمضان ۾ گهرج هڪ لک 55 هزار ٽن هوندي، شگر ملز جي وڪيلن 20 هزار ٽن کنڊ 83 رپيا ڪلو تائين وڪڻڻ جي آڇ ڪئي پر ڌرين ۾ اتفاق نٿو ٿي سگهي. عدالت عارضي بنيدان تي رمضان ۾ پنجاب جي شگر ملن کان 1 لک 55 هزار ٽن کنڊ 80 رپيا ڪلو خريدڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت ريمارڪس ڏنا ته رمضان ۾ ماڻهن کي کنڊ ملڻ گهرجي، هي ثواب جو ڪم آهي، قيمت جي مقرري جو طريقڪار رمضان المبارڪ کان پوءِ طئي ڪيو ويندو. عدالت ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب جي قيمت مقرر ڪرڻ جي لاءِ رولز بڻائڻ ۽ ضروري ترميمن بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت به ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔